اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي خلاف سازش ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيو ويندو.
وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينه اجلاس ۾ ڳالهيون ڪندي چيو ته ترقي ۽ سرمائيڪاري جي لاءِ سياسي استحڪام ضروري آهي ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي گهٽ ٿي 3.57 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ ڀڃ ڊاهه جي حوالي سان گڏجاڻي ۾ واضح هدايتون ڏنيون وڃن. ملڪ جي خلاف سازش ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيو ويندو.
شام جي صورتحال تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته شام اندر ڪجهه ڏينهن ۾ حالتون هڪدم تبديل ٿي ويون آهن، شام جي حوالي سان اسان جي سفارتي پاليسي اها آهي ته نيوٽرل رهو.
هن چيو ته شام ۾ 250 پاڪستاني زائرين ويا هئا، شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي لاءِ فڪرمند آهيون زائرين کان علاوه 300 وڌيڪ پاڪستاني به ملڪ واپس اچڻ چاهين ٿا. پاڪستانين جي واپسي لاءِ لبناني وزيراعظم سان ڳالهيون ڪيون آهن.
شهباز شريف چيو ته شام مان پاڪستانين جي واپسي لاءِ طريقيڪار طئي ڪري ورتو آهي. لبنان مان رستو ملڻ تي بيروت مان چارٽر فلائٽس جي ذريعي واپسي ممڪن آهي. شام ۾ وڏي انگ ۾ پاڪستاني آباد آهن. هن چيو ته رياض ۾ لبنان جي وزيراعظم امدادي سامان اماڻڻ تي ٿورو ادا ڪيو. لبناني وزيراعظم چيو ته پاڪستانين جي واپسي ممڪن بنائي ويندي