دمشق: شام ۾ باغين جي گادي واري شهر تي قبضي کان پوءِ الاسد خاندان جو پنجاهه کان وڌيڪ سالن تائين جاري رهندڙ اقتدار جو دور ختم ٿي ويو، دمشق تي باغين قبضو ڪري سرڪاري ٽي وي، ريڊيو ۽ دفاع واري وزارت جي عمارت جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو.
باغين جي شامي گادي واري شهر تي قبضي کان پوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي عالمي اڳواڻن طرفان پنهنجو رد عمل ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. شام ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس دمشق ۾ آمراڻي اقتدار جي دور جي خاتمي جي آجيان ڪندي بشارالاسد جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ملڪ ۾ نئين سر تعمير تي زور ڏنو.
هن زور ڏنو ته بشارالاسد حڪومت جي خاتمي کان پوءِ پيدا ٿيندڙ نازڪ صورتحال ۾ تشدد کي نظر انداز ڪندي صبر جو مظاهرو ڪيو وڃي ۽ بنا ڪنهن فرق جي شامي شهرين جي حقن جو تحفظ يقيني بنايو وڃي
شام جي تازي صورتحال تي برطانوي وزيراعظم ڪئيراسٽارمر امن ۽ استحڪام يقيني بنائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته شام جي ماڻهن بشارالاسد جي دور ۾ ڊگهي وقت تائين وڏيون تڪليفون برداشت ڪيون، اسان بشارالاسد جي حڪومت جي خاتمي جو آجيان ڪريون ٿا.
پنهنجي بيان ۾ برطانوي وزيراعظم چيو ته هاڻ اسان جو فوڪس هوندو ته معاملن جو سياسي حل غالب رهي، امن واستحڪام بحال ٿيو ۽ ملڪ ۾ سويلينز ۽ اقليتي محفوظ رهن.
چيني پرڏيهي وزارت چيو ته اميد ڪريون ٿا ته شام ۾ جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي استحڪام کي بحال ڪيو وڃي، پنهنجي هڪ بيان ۾ چيني پرڏيهي وزارت چيو ته بيجنگ تمام گهڻو ويجهو آهي شام ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال تي نظر آهي.
فرانس پنهنجي رد ۾ چيو ته بشارالاسد حڪومت جي خاتمي جي آجيان ڪريون ٿا شامين کان مطالبو ڪريون ٿا ته هر قسم جي شدت پسندي کي رد ڪيو ويندو. فرانسيسي پرڏيهي وزير چيو ته بشارالاسد رجيم ڪڏهن به شامين جي هڪ ٻئي خلاف صف بندي کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي جنهن جي ڪري وڏو نقصان ٿيو سڀ ڪجهه ٽڙي پکڙجي ويو آهي پر هاڻ اتحاد جو وقت اچي ويو آهي.
شام ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال پنهنجي بيان ۾ جرمني جي پرڏيهي وزارت چيو ته هاڻ ملڪ کي ٻيهر ڪنهن به انتها پسندي جي هٿ نه چڙهڻ گهرجي. جرمني جي پرڏيهي وزير پنهنجي بيان ۾ زور ڏنو ته شام ۾ پيدا ٿيندڙ نئين صورتحال ۾ ملڪ ۾ رهندڙ مذهبي، اقليتن، علوي، ڪرد ۽ مسيحين سميت سياسي مخالفن کي به مڪڪمل تحفظ ڏنو ويندو.
بشارالاسد حڪومت جي پراڻي حمايتي ايران پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايران شام جي صورتحال لاءِ عالمي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو. ايران ۽ شام جي وچ ۾ دوستانا لاڳاپا جاري رکڻ جي اميد آهي. انهي کان اڳ پرڏيهي وزير عباس عراقچي گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ بشارالاسد حڪومت ۽ شامي مخالف گروپن وچ ۾ سياسي ڊائلاگ تي زور ڏنو هو.
ترڪيه پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته بشارالاسد حڪومت جو خاتمو اوچتو ناهي ٿيو پر اها شام جي مسلسل خانه جنگي جو نتيجو هو. ترڪ پرڏيهي وزير چيو ته اهو سڀ ڪجهه اوچتو ناهي ٿيو پر گذريل 13 سالن کان ملڪ ۾ جهڙي قسم جي صورتحال ۽ انتشار پکڙيل هو اهو سڀ ڪجهه انهي جو نتيجو هو.
عرب ليگ شامي عوام جي مدد ۽ شام جي خلاف پابندين جي خاتمي تي زور ڏيندي شام لاءِ حمايت جاري رکڻ جو ارادو ظاهر ڪيو متحده عرب امارات پنهنجي رد عمل ۾ شامي شهرين تي افراتفري جي چڪر ۾ سنگين صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ تي زور ڏنو.
پنهنجي رد عمل ۾ قطر چيو ته شام ۾ بشارالاسد حڪومت جي خاتمي ۽ باغين جي ٽيڪ اوور کان پوءِ ملڪ کي هڪ دفعو ٻيهر ڪنهن به قسم جي افراتفري کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. قطري پرڏيهي وزارت چيو ته شام ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال تي گهري نظر رکيل آهي ۽ شامين تي زور ڏيون ٿا ته اهي پنهنجي ملڪي ادارن ۽ قومي يڪجهتي جي حفاظت ڪن، ملڪ جي اندر ڪنهن به قسم جي انارڪي پکيڙڻ کان روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪن.
قطري پرڏيهي وزارت مطالبو ڪيو ته سمورا ڀائيوار سياسي ڊائيلاگ جي ذريعي شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بنائين، شام جي شهرين لاءِ اسان جي حمايت برقرار رهندي. پنهنجي رد عمل ۾ مصري پرڏيهي وزارت چيو ته شام ۾ سمورن ڀائيوارن کي ملڪي ادارن ۽ قومي ملڪيتن جو تحفظ يقيني بنائڻ گهرجي