پاڪستان رينجرز ۽ پوليس ٻيهر ڊي چوڪ جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو

اسلام آباد: پاڪستان رينجرز ۽ پوليس ٻيهر ڊي چوڪ جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي، سخت شيلنگ ۽ پٿراءَ بعد پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. چائنا چوڪ ۽ ڊي چوڪ جي وڄ واري علائقي م چڪريون ۽ جهڙپون جاري آهن. بشرا بيبي، علي امين گنڊاپور ۽ ٻيا پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪلثوم پلازا جي آس پاس موجود آهن، پي ٽي آءِ ڪارڪن ٻنهي اڳواڻن کي ڊي چوڪ ڏانهن وڌڻ لاءِ منٿون ڪري رهيا آهن پر هو چائنا چوڪ کان به اڃا پوئتي هليا ويا آهن. علي امين گنڊاپور چيو آهي ته ڊي چوڪ وٽ ريڊ لائين ڪراس ناهي ڪرڻي جيسين خان جو حڪم نه ملي اڳتي ناهي وڃڻو.  ذريعن جو چوڻ آهي ته بيريسٽر سيف جي اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات جو بندوبست ڪيو ويو آهي جيڪو خان جي بشرا سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائيندو ۽ اڳواٽ طئي ڪيل پروگرام موجب سنگجاڻي وٽ ڌرڻو هنيو ويندو. حڪومت ۽ پي ٽي آءِ قيادت نئين پيش رفت جا منتظر آهن. ٻئي پاسي آءِ جي اسلام آباد اعلان ڪيو آهي ته اڄ هر حال ۾ وڳوڙين ۽ شرپسندن کان شهر خالي ڪرايو ويندو. ان کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جو وڏو انگ سڀ رڪاوٽون ٽوڙي، سخت شيلنگ جي باوجود ڊي چوڪ جي ريڊ لائين تي پهچي ويو، ريڊ لائين تي رکيل ڪنٽينرز تي چڙهي ڊيوٽي تي موجود فوجي اهلڪارن سان ڀاڪر پائي وڪٽري جا نشان ٺاهي فوٽو ڪڍرائيندا رهيا. فوجي کين ڀاڪر پائي ڪنٽينرز تان هيٺ لهڻ لاءِ چوندا رهيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔