پي ٽي آءِ کي هاڻي طاقت سان روڪڻ کانسواءِ ٻيو رستو ناهي، خواجا

اسلام آباد: دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت فيصلائتي صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف کي روڪن لاءِ طاقت جي استعمال کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي بچيو. پي ٽي آءِ جي جاري احتجاج تي ردعمل ڏيندي هن دعويٰ ڪئي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي هاڻي ليڊر ٿيڻ جا خواب ڏسي رهي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ وارن ڊي چوڪ ٿي پهچي ڌرڻو هنيو ته اهو حڪومت لاءِ تمام وڏو ڌچڪو هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔