سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جو پهريون پاڻمرادو نوٽيس: گم ٿيل ٻارن جي ڪيس ۾ رپورٽ طلب

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪوئٽه ۾ ٻارن جي اغوا جي بازيابي لاءِ پهريون پاڻمرادو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ٻڌڻي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 6 رڪني لارجر بينچ گم ٿيل ٻارن جي حوالي سان درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. آئيني بينچ ايندڙ ٻڌڻي تي سمورن آءِ جيز ۽ گهرو   سيڪريٽريز کي طلب ڪري ورتو

جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته ڪوئٽه ۾ 6  ڏينهن کان هڪ اغوا ٿيل ٻار نه پيو ڳوليو وڃي، احتجاج سبب پورو ڪوئٽه جام ٿي چڪو آهي پر حڪومت کي انهي جي ڪابه پرواهه ناهي، ڪوئٽه ۾ اسڪولن جي ٻارن به جلوس ڪڍيو آهي.

جسٽس مسرت بلالي پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪي پي ۾ سيڪس ٽريفڪنگ کي قانوني قرار ڏنو ويو آهي؟ پنهنجي رپورٽ ۾ ڪي پي سيڪس ٽريفڪنگ کي زيرو لکيو آهي، زيرو سيڪس ٽريفڪنگ ڪيئن ٿي سگهي ٿي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ڇا ڪنهن صوبي ۾ ڪوبه ادارو يا ڪميشن آهي جيڪو مغوي ٻارن تي ڪم ڪري رهيو هجي. 18هين ترميم کان پوءِ هاڻ ته صوبن وٽ اختيار به آهن.

جسٽس مندوخيل چيو ته هڪ ٻار جي اغوا تي پورو صوبو بند آهي پر حڪومت کي فڪر ناهي، جسٽس امين الدين خان چيو ته بلوچستان حڪومت هڪ ٻار کي بازياب نه پئي ڪرائي سگهي. جسٽس مسرت بلالي چيو ته ٻارن جو اغوا اهم مسئلو آهي انهي تي سرڪاري وڪيلن جي تياري به نه آهي.

جسٽس مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته 2018 کان ڪيس هلي رهيو آهي. اڃان تائين ٻار اغوا ٿي رهيا آهن، هر ٻيون ڪيس ٻارن جي اغوا جو اچي رهيو آهي. سپريم ڪورٽ ٻارن جي اغوا تي ڪميٽي  به ٺاهي پر انهي تي به اڄ تائين ڪم ناهي ڪيو ويو. درخواستگذار چيو ته سپريم ڪورٽ جي ڪميٽي اڄ تائين ناهي بڻجي سگهي. ايڊيشل ايڊووڪيٽ بلوچستان چيو ته عدالت ۾ ٻارن جي اغوا تي رپورٽ جمع ڪرائي ٿو ڇڏيان.

جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ۾ چيو ته اسان کي رپورٽ نه گهرجي پر اسان کي  اغوا ٿيل ٻارن جو تدارڪ گهرجي ۽ عمل گهرجي. جسٽس مندوخيل چيو ته مان بينچ جي  سربراهه کي درخواست ڪندس ته سمورن آءِ جيز کي گهرايو وڃي، هي ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ جسٽس مسرت بلالي چيو ته ڪي پي جي رپورٽ ۾ هر شيءَ تي مٽيءَ وڌي وئي آهي. هرطرف کان بارڊر کليل آهي ته ڇا اهڙي صورتحال  ۾ بهتر رپورٽ ممڪن آهي، قانون جي عملداري کي يقيني بنايو وڃي.

جسٽس امين الدين خان هدايت ڪئي ته ڪيترا ٻار اغوا ٿيا، ڪيترا بازياب ڪرايا ويا آهن انهي جي باري ۾ تفصيلي رپورٽ ڏيو. جسٽس  مندوخيل چيو ته ايف سي تي اربين روپيه خرچ ٿيندا آهن انهن جو سوشل ويلفيئر ۾ ڪهڙو ڪردار آهي؟ جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته ڪراچي ۾ ٻار ٽريفڪ سگنلز تي خيرات گهرندي نظر ايندا آهن.

آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين خان چيو ته پينو فقيرن کي پرڏيهي ملڪن ۾ موڪلڻ ۾ ته هاڻ اسان انٽرنيشل ٿي چڪا آهيون. پرڏيهي ملڪن ۾ پينو فقيرن کي موڪلڻ ڪيڏي شرم جهڙي ڳالهه آهي. جنهن کان پوءِ آئيني بينچ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 28 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔