ايف بي آر واپاري دوست اسڪيم ۾ وڏين تبديلين جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) جي واپاري دوست اسڪيم ۾ وڏين تبديلين جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

ذريعن موجب ننڍن واپارين کان ٽيڪس وصول ڪرڻ جي بجاءِ وڏن واپارين جي خلاف ڪارروايون شروع ڪيون وينديون. ايف بي آر ريٽرنز، ڊيٽا سيڪيورٽي ۽ ڪمرشل بجلي جي کپت جي ڊيٽا جي تجربي جي بنياد تي وڏن واپارين کي رجسٽرڊ ڪندي.

في دوڪان ريٽيل آئوٽ ليٽ تي فڪسڊ ٽيڪس جي موجوده پاليسي کي معطل ڪندي، انهي پاليسي تي نظرثاني جي آءِ ايم ايف توثيق ڪئي آهي يا نه اهو سڀني کان وڏو سواليه نشان هوندو.

ياد رهي ته واپاري اسڪيم گهربل حدف وصول ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام رهي، پهرين ٽه ماهي ۾ حدف 10 ارب روپيه رکيو ويو هو ۽ ٻئين ٽه ماهي جي مدي لاءِ ٽي ڊي ايس جي وصولي 23.4 ارب روپين تائين وڃڻ جو حدف هو. ايف بي آر هلندڙ مالي سال جي دوران ٽي ڊي ايس جي ذريعي 50 ارب روپين جي وصولي لاءِ آيم ايف سان اتفاق ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔