ڊونلڊ ٽرمپ جي وائٽ هائوس ۾ واپسي، ٻيهر آمريڪي صدر چونڊجي ويو

واشنگٽن: آمريڪا ۾ صدارتي چونڊون کٽي ڊونلڊ ٽرمپ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، هو هڪ دفعو ٻيهر آمريڪا جو 47هون صدر چونڊجي ويو آهي.

آمريڪا ۾ صدارتي چونڊن جي لاءِ ووٽنگ کان پوءِ نتيجا جاري ڪرڻ جو عمل اڃان تائين جاري آهي، پر ڊونلڊ ٽرمپ گهٽ ۾ گهٽ گهربل اليڪٽرول ووٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿي ويو آهي. ڪيترين ئي رياستن انڊيانا، ڪينٽڪي، جيارجيا، اوبائيو، ورجينيا ۽ ڪيرولينا ۾ پولنگ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي، ووٽن جي ڳڻپ کان پوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي

هينئر تائين جي سامهون ايندڙ نتيجن موجب ري پبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ 277 ووٽ کڻي صدر بنجڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. جڏهن ته ان جي سامهون مقابلي ۾ ڪملا هيرس 226 ووٽن سان ان جي پٺيان آهي.

نتيجن جي تازي صورتحال موجب ڊونلڊ ٽرمپ جلد ئي پنهنجي حامين کي خطاب ڪندو جڏهن ته ڪملا هيرس خطاب نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي هو چونڊ نتيجن جي حوالي سان اڄ شام پنهنجو بيان جاري ڪندي. رپورٽن موجب ٽرمپ اهم رياستن نارٿ ڪيرولائنا، جيارجيا ۽ پنسلوانيا ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جنهن کي ٽرمپ جي حق ۾ وڏي اڳڀرائي سمجهيو پيو وڃي. ٽنهي رياستن کي سوئنگ اسٽيٽ مڃيو ويندو آهي، جن جا نتيجا گڏيل رزلٽ تي اثر انداز ٿيندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔