پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ميلبورن کان ايڊيليڊ رواني

ايڊيليڊ: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا خلاف ٻي ون ڊي ميچ کيڏڻ لاءِ ميلبورن مان ايڊيليڊ روانو ٿي وئي.پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٻي ميچ 8 نومبر تي ايڊيليڊ ۾ کيڏي ويندي.ٽيم ذريعن جو چوڻ آهي ته فاسٽ بالر نسيم شاهه جي زخم سنجيده ناهي، هو ايندڙ ميچ تائين فٽ ٿي ويندو.ذريعن موجب فاسٽ بالر کي تڪليف آهي پر ايندڙ ميچ ۾ وقت آهي ۽ هو فٽ ٿي ويندو.ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽين ميچ 10 نومبر تي پرٿ ۾ کيڏي ويندي، ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ آسٽريليا کٽي ورتي هئي.ٽن ميچن جي سيريز کانپوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي 20 سيريز به کيڏي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔