سائنسدان پلاسٽڪ جي ڪچري مان بجلي ٺاهيندڙ ڊيوائس تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب

سڊني: پلاسٽڪ جي آلودگي اسان جي ياري  کي ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار بڻائي رهي آهي. پلاسٽڪ جي هڪ قسم پوليسٽرين جي صرف هڪ ڀيرو استعمال ٿيندڙ اڍائي ڪروڙ ٽن کان وڌيڪ شيون هر سال تيار ڪيون وينديون آهن. جن مان صرف 12 سيڪڙو ري سائڪل ٿينديون آهن جڏهن ته باقي مختلف هنڌن تي ڪچري جي شڪل ۾ پيل رهنديون آهن.

پر هاڻ آسٽريليا ۽ لٽويا جي سائنسدانن هڪ اهڙو طريقو هٿ ڪيو آهي جنهن جي ذريعي بيڪار پوليسٽرين مان بجلي پيدا ڪري سگهبي.

آسٽريليا جي آر ايم آءِ ٽي يونيورسٽي ۽ لٽيويا جي ريگا يونيورسٽي جي ماهرن طرفان تيار ڪيل ڊيوائس ۾ پلاسٽڪ جي اهڙي قسم جي ڪچري کي وجهي هوا ذريعي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. اهڙي تيار ڪيل ڊيوائس ۾ برقي توانائي پيدا ٿيندي آهي جنهن کي جمع ڪيو ويندو آهي. ماهرن موجب اسان پنهنجي ڊيوائس ۾ هوا جي ذريعي توانائي پيدا ڪري سگهون ٿا

اها ڊيوائس انهي مقصد جي لاءِ ايئرڪنڊيشنرز کان هواءِ جي دٻاءُ کي استعمال ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي جنهن سان توانائي جي طلب ۾ 5 سيڪڙو گهٽتائي ايندي آهي. آزمائشي تجربي ۾ ثابت ٿيو ته انهي ڊيوائس مان 230 والٽيج جو ڪرنٽ به پيدا ٿي سگهي ٿو.

اها ڊيوائس بنيادي طور تي پوليسٽرين جي سنهن تهن تي ٻڌل آهي يا ائين چئي وٺون ته انهي کي پلاسٽڪ جي اهڙي قسم سان تيار ڪيو ويو آهي. اهوئي سبب آهي ته انهي ڊيوائس جي زندگي ڊگهي هوندي ڇو ته پلاسٽڪ جي اها قسم سوين سالن تائين پنهنجي شڪل برقرار رکندي آهي.

ماهرن موجب بهتر ڳالهه اها آهي ته پوليسٽرين سبب اهڙي طرح جي ڊيوائسز ڊگهي وقت تائين صحيح ڪم ڪندي بجلي پيدا ڪري سگهي ٿي. ماهرن طرفان ڊيوائس جي پيننٽ کي رجسٽر ڪرايو ويو آهي ۽ هاڻ اهڙن ڀائيوارن جي ڳولا ڪري رهيا آهن جنهن جي ذريعي هن ٽيڪنالاجي کي ڪمرشل مصنوعات جو حصو بنائي سگهجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔