حافظ نعيم 26هين آئيني ترميم کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سرگودها: جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم جي خلاف اعليٰ عدالت ۽ بجلي جي بلن تي عوام جي عدالت ۾ وينداسين.

سرگودها ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ گير ريفرينڊم کان پوءِ حق ڏيو عوام کي تحريڪ جو اهم مرحلو شروع ٿيندو. فارم 47 تي مڙهيل حڪمرانن جو آئين ادارن ۽ عوام جو حالت خراب ڪرڻ جو مشن آهي، انهن عدليه تي قبضو ڄمائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن عام ماڻهو جي لاءِ انصاف وڌيڪ مشڪل ٿي وڃي.

هن چيو ته ڳچي تائين ڪرپشن ۾ ٻڏل حڪمران  ۽ اشرافيه وسيلن تي قبضو ڪيو ويٺا آهن ۽ اهي ماڻهو ٽيڪس به نٿا ڏين انهن ملي قومي ادارن کي تباهه ڪيو، عوام تي آءِ پي پيز ۽ مهانگائي جو عذاب مڙهيو ويو. عوام کي گڏجي مڙهيل حڪمرانن کي کڻي ٻاهر اڇلڻو پوندو. هن زور ڏنو ته بلن جي بائيڪاٽ لاءِ ريفرنڊم ڪرائينداسين، حڪمرانن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن آءِ پي پيز کي لغام نه ڏينداسين ته قوم بل به ادا نه ڪندي.

حافظ نعيم چيو ته اسان جي ٻارن کي بهترين تعليم نه پئي ملي، اسڪولن کي به اين جي اوز جي حوالي ڪيو پيو وڃي. جماعت اسلامي انهي ظلم جي خلاف مزاحمت ڪندي، چوڪن، چوراهين ۽ روڊن تي حڪمرانن کي نروار ڪنداسين، عوامي سجاڳي ۽  انهن کي گڏ ڪرڻ جي لاءِ حق ڏيو تحريڪ شروع ڪئي آهي.

هن چيو ته پاڪستانين کي چوان ٿو ته مايوس نه ٿيو، فلسطينين کان کٽڻ جو سبق سکو. اوهان مايوس ٿي ويهي رهندو ته حڪمرانن کي ڦرمار جي کلي موڪل ملي ويندي، جماعت اسلامي جي تحريڪ جو حصو بڻجو ۽ ملڪ ۾ انقلاب آڻيو.

حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي آءِ پي پيز جي خلاف حق ڏيو تحريڪ شروع ڪئي اها اسان جي تحريڪ جي برڪت هئي ته پنج آءِ پي پيز سان ڪيل معاهدا ملتوي ٿيا. ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ معاهدا ختم ٿيندا. شريف فيملي، فوج ۽ حڪومت ۾ شامل ٻين ماڻهن جا آءِ پي پيز سان ڪيل معاهدا فوري طور تي ملتوي ٿيڻ گهرجي.  

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔