مراد علي شاهه سان ايراني قونصل جنرل جي ملاقات، واپار کي وڌائڻ تي اتفاق

ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ايران جي قونصل جنرل حسن نورين ۽ وائيس قونصل جنرل علي خوشرو ملاقات ڪئي، اڳواڻن وچ ۾ گڏيل واپار کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ايران سان سندن تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ۽ مضبوط ٿي رهيا آهن.سنڌ جي وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته هن وقت ٻنهي ملڪن وچ ۾ 2 بلين ڊالرز جو واپار جاري آهي. ايراني قونصل جنرل جو چوڻ هو ته اهي چاهين ٿا ته ٻه طرفو واپار وڌائي 3 بلين ڊالرز ڪيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته گوشت ۽ ميوا خاص طور تي سنڌڙي انب ۽ لاڙڪاڻي جا زيتون سنڌ مان ايران ايڪسپورٽ ڪري سگهجن ٿا. سنڌ جي وڏي وزير ۽ ايراني قونصل جنرل وچ ۾ ٻنهي ملڪن جي واپاري وفدن جي مٽاسٽا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ايران جي قونصل جنرل طرفان سنڌ جي وڏي وزير کي ايران ۾ ثقافتي ميلي ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني وئي. سنڌ جي وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته ايران ۾ نومبر مهيني ۾ ثقافتي ميلو منعقد ڪيو پيو وڃي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڪراچي کان ايران جي علائقي چابهار وچ ۾ ٻيڙي سروس شروع ڪرڻ تي به ڳالهيون ٿيون. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ٻيڙي سروس شروع ڪئي وڃي ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تمام گهڻي سهولت ملندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔