پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ اهم شعبن ۾ سرمائيڪاري وڌائڻ تي اتفاق

واشنگٽن: ناڻي وفاري وزير محمد اورنگزيب ۽ سعودي هم منصب محمدالجدان اهم شعبن ۾ سرمائيڪاري جي ذريعي ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پيغام ۾ ناڻي واري وزارت واشنگٽن ۾ عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) ۽ ورلڊ بينڪ جي سالياني اجلاسن دوران محمد اورنگزيب ۽ سعودي  هم منصب وچ ۾ ملاقات جي تصديق ڪئي آهي.

ناڻي وارو وزير محمد اونگريب آمريڪا ۾ ناڻي  بابت سيڪريٽري، سيڪريٽري اقتصادي معاملا، گورنر اسٽيٽ بينڪ ۽ مالياتي شعبي جي ٻين اهم عهديدارن تي ٻڌل پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪري رهيا آهن.

پاڪستاني وفد هڪ هفتي جي دوري دوران آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي اڳواڻن سان اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪندو. انهي دوران ٻطرفين ملاقاتن جو ايجنڊا به شامل آهي. جنهن ۾ پاڪستاني اختيارين، چين، سعودي عرب ترڪيه جي هم منصبن سميت ٻين اتحادين وچ ۾ ڳالهين جو به امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔