اسرائيل جي غزهه شديد بمباري،22 فلسطيني شهيد

غزه : اسرائيل لبنان ۽ غزه ۾ انڌاڌنڌ حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي شهيد ٿي ويا.عرب ميڊيا موجب اتر غزا ۾ جباليا پناهگير ڪئمپ تي بمباري جي نتيجي ۾ 22 فلسطيني شهيد ٿي ويا.رپورٽن مطابق اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته اتر غزه ۾ بمباري ايتري ته شديد هئي جو زلزلي جا شديد لوڏا پڻ محسوس ڪيا ويا.ان کان علاوه اسرائيلي فورسز گذريل ٻن ڏينهن دوران ڏکڻ لبنان ۾ گڏيل قومن جي امن فوج (UNIFIL) کي نشانو بڻايو.لبنان جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيل جمعي جي ڏينهن 24 ڪلاڪن دوران ڪيترائي حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ 60 ڄڻا مارجي ويا ۽ 168 زخمي ٿيا.لبنان ڪرائسس رسپانس موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيل 57 هوائي حملا ۽ شيلنگ ڪئي، جن مان اڪثر حملا ڏکڻ لبنان ۾ ڪيا ويا.ان کان علاوه عراق جي هٿياربند گروپ چيو آهي ته اتر اسرائيل ۾ ڊرون حملا ڪندي اتر اسرائيل ۾ اهم هدفن کي نشانو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته گولان جي چوٽين تي به حملا ڪيا ويا، پر حملن جا تفصيل جاري نه ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔