اسٽاڪ مارڪيٽ 82 هزار جي تاريخي حد پار ڪري ورتي

ڪراچي: استاڪ مارڪيٽ ۾ ٻئي ڏينهن به رڪارڊ ٽريڊنگ جو سلسلو جاري آهي ۽ 100 انڊيڪس 82 هزار جي تاريخي حد پار ڪري وئي. جمعي تي 12 هين وڳي پهرين هاف ۾ 82320.92 تائين وڄڻ بعد 82125.88 تي ڪلوز ٿي ۽ سيڪنڊ هاف ڏسڻو آهي ته صورتحال ڇا ٿي بيهي. امريڪي فرڊرل ريزرو پاران 4 سالن بعد 0.5 سيڪڙو وراج جي شرح گهٽ ٿيڻ ۽ 25 سيپٽمبر تي آءِ ايم ايف جي بورڊ ميٽنگ م پاڪستان لاءِ 7 ارب ڊالر جي قرض جي منظوري جي اميد تي مارڪيٽ ۾ تيزي ڏسڻ ۾ آئي آهي. 100 انڊيڪس کي مٿي کڻڻ ۾ بئنڪن، بجلي ۽ فرٽيلائيزر ڪمپنين جو اهم حصو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔