سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري، وڌيڪ مهانگو ٿي ويو

ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت نئين رڪارڊ سطح تي پهچي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، پاڪستان ۾ في تولو سون 400 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 66 هزار 300 رپين جو ٿي ويو آهي.

ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 343 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 28 هزار 309 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون يارنهن ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 هزار 577 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔