ڪڻڪ خريداري پاليسي ۾ تبديلي، اڳوڻو جي ايم پاسڪو گرفتار

لاهور: پاسڪو ڪڻڪ خريداري ڪرپشن ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي، ايف آءِ اي اڳوڻي جي ايم پاسڪو ظهور احمد رانجها کي گرفتار ڪري ورتو.ايف آءِ اي ترجمان موجب اڳوڻي جي ايم پاسڪو کي ايم ڊي پاسڪو جي ڪڻڪ خريداري پاليسي تبديل ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو، ظهور رانجها ڪڻڪ خريداري پاليسي فراڊ ڪري تبديل ڪئي، پاليسي ۾ هارين جي بجاءِ واپارين کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو لکيو ويو.اختيارين موجب ڪڻڪ پاليسي ۾ اڳوڻي جي ايم سمورن ڊسٽرڪٽ آفيسر کي ايم ڊي پاسڪو جي صحيح سان پاليسي ليٽر جاري ڪيو، پاليسي تبديل ڪرڻ ۽ جعلي صحيح ڪرڻ جي قلمن جي تحت ظهور رانجها جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب اڳوڻي ايم ڊي پاسڪو کي به انهي ڪيس ۾ جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔