وزيراعظم شهباز شريف قومي هيرو ارشد نديم کي گهر ڀاتين سميت وزيراعظم هائوس گهرائي ورتو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف قومي هيرو ارشد نديم کي گهر ڀاتين سميت وزيراعظم هائوس گهرائي ورتو آهي، ارشد نديم جا گهر ڀاتي وزيراعظم جي جهاز ۾ پوري پروٽوڪول سان ڏنل  مانجهاندي ۾ شرڪت ڪندا.

ان حوالي سان اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف قومي هيرو ارشد نديم کي گهر ڀاتين سميت وزيراعظم هائوس گهرايو آهي، ان جو ڀرپور طريقي سان استقبال ڪيو ويندو، هن چيو ته هر طرف کان سٺيون خبرون اچي رهيون آهن. اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي سڄي ملڪ ۾ خوشيون ملهايون پيون وڃن، پنجاب سميت سموريون صوبائي حڪومتون گولڊ ميڊل کٽڻ جي خوشي ۾ شريڪ آهن ۽ انهن جو هر جڳهه تي شاندار استقبال ڪيو ويندو

وفاقي وزير چيو ته ارشد نديم کي اسٽيٽ پروٽوڪول ملندو. ارشد نديم ۽ ان جي گهر ڀاتين کي خصوصي پروٽوڪول سان ميان چنون مان آندو ويندو. ارشد نديم ئي ايئرفورس جي خصوصي جهاز تي ملتان کان اسلام آباد آندو ويندو. نور خان ايئربيس تي وفاقي وزيرن جي ڪميٽي  سندس آجيان ڪندي.

هن چيو ته صرف ارشد نديم اسلام آباد ۾ اڪيلو نه لهندو پر سندس والدين، ان جي زال، ٻار ۽ ڪوچ به انهي سان گڏ موجود هوندا. وزيراعظم هائوس ۾ انهي جي اعزاز ۾ مانجهاندو ڏنو ويندو، جتي هڪ ننڍي تقريب به ڪوٺائي ويندي جنهن ۾ ڪجهه فنڪارن کي به دعوت ڏني آهي ۽ ملي نغما به پيش ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔