حافظ نعيم سمجهي ٿو سمورن مسئلن جو حل ڌرڻو آهي، ڀلي شوق پورو ڪري وٺي:عظميٰ بخاري

لاهور: اطلاعات جي صوبائي وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته حافظ نعيم الرحمان جيڪڏهن سمجهي ٿو ته سمورن مسئلن جو حل ڌرڻو آهي ته ڀلي اهو شوق پورو ڪري وٺي.

سوشل پروٽيڪشن جي چيئرپرسن حنا  پرويز بٽ سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته جماعت اسلامي کي ته ايترا ووٽ نه مليا آهن جيترا انهن ڌرڻا هنيا آهن. ڌرڻي جي امير ڪراچي ۾ ڌرڻو هڻي جماعت اسلامي جو امير بڻجي ويو آهي، حافظ نعيم الرحمان سمجهي ٿو ته سمورن مسئلن جو حل ڌرڻو آهي ته اهو ڀلي شوق سان پنهنجو ڌرڻو هڻڻ جو شوق پورو ڪري وٺي

عظميٰ بخاري چيو ته ڪي پي ڪي ۾ پل ٽٽي رهيا آهن ۽ اهي جيل ۾ ويٺل پنهنجا آقا کي خوش ڪري رهيا آهن، جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جو خيال هڪ سال کان پوءِ ياد آيو؟ ڇا حسان نيازي عمران خان جو ڀاڻيجو نه آهي، ياسمين راشد يا اعجاز چوڌري پنهنجي پٽ کي نه ٻڌائي نه رهيا هئا ته حملو ڪرڻو آهي، اتفاق هو ته هر شهر ۾ هڪ ئي جڳهه تي حملا ڪيا ويا جيڪي فوجي ٺڪاڻا يا ڪينٽ جا علائقا هئا، سمورين آفيسن کي ساڙيو ويو، هاڻ پي ٽي آءِ باني ڪيئن يو ٽرن وٺندو؟

هن چيو ته اڊيالا جيل وارو چوي ٿو ته جيڪڏهن ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ته ٻيهر اهڙا ئي حملا ٿيندا، جوڊيشل ڪميشن نه بنجڻ گهرجي، هاڻ هي عدالت کان رليف وٺڻ چاهين ٿا، جوڊيشل ڪميشن جي ضرورت نه آهي، جيڪو ڪجهه 9 مئي تي ٿيو اهو سڀني کي ياد ۽ ڪيمري ۾ محفوظ آهي. 9 مئي جي پٺيان جلسا، لانگ مارچ ۽ زهريليون تقريرون هيون جنهن ۾ ماڻهن کي ورغلايو ويو.

صوبائي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان اسان جو بزرگ آهي، ان جي بيان تي سخت بيان نٿي ڏيڻ چاهيان پاڪستان ۾ جنهن جي حڪومت آهي اهي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ سڀني کي نظر به اچي رهيا آهن.

عظميٰ بخاري وڌيڪ چيو ته پي ٽي وي کي باهه ڏني وئي، ايمبولينس، ٽول پلازه ساڙيو ويو، فوجي مجسما ڪيرايا ويا آهن، هاڻ چون ٿا ته معاف ڪري ڇڏيو، بنگلاديش جا شاگرد جيڪڏهن ٻاهر نڪتا هئا ته انهن وٽ نوڪريون نه ملڻ جو جواز هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔