بنگلاديش ۾ نوبل انعام يافته معاشي ماهر ڊاڪٽر يونس عبوري حڪومت جو سربراهه مقرر

 ڍاڪا: بنگلاديش ۾ عبوري حڪومت جوڙي وئي آهي، معاشي ماهر ڊاڪٽر يونس کي عبوري حڪومت جو چيف ايڊوائر مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته انٽيليجنس چيف سميت ڪيئي جنرل فارغ  ڪيا ويا آهن. جنهن کانپوءِ صدر هاڻي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي آهي.  احتجاج ڪندڙ شاگردن نوبل انعام يافته ڊاڪٽر يونس کي عبوري حڪومت جي سربراهه طور نالو ڏنو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر يونس به عبوري حڪومت لاءِ  حامي  ڀري ورتي آهي. ٻئي طرف بنگلاديش نيشنل پارٽي جي سربراهه خالده ضياءَ کي به بنگلاديش صدر جي حڪم کانپوءِ جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي. ڀارت بنگلاديش جي فوجي قيادت سان رابطو ڪري امن امان بحال ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڀارت بنگلاديش جي فوجي قيادت سان رابطو ڪري ملڪ ۾ جلد کان جلد امن امان بحال ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. رپورٽ موجب ڀارت جي اعليٰ حڪومتي ذريعن موجب مودي حڪومت بنگلاديش جي آرمي چيف وقار الزمان سان رابطو ڪري شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ کانپوءِ صورتحال معمول تي آڻڻ ۾ مدد لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي آهي.رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته شيخ حسينه سان ڀارت ۾ مهمانن جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي سيڪريٽري جنرل مرزا فخر الاسلام عالمگير چيو آهي ته جيڪڏهن اڄ شام تائين عبوري حڪومت نه ٺاهي وئي ته ملڪ ۾ سياسي بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو. اڱاري ڏينهن ڍاڪا ۾ پريس بريفنگ دوران هن چيو ته عبوري حڪومت لاءِ صدر کي سندس طرفان ڪو به نالو تجويز نه ڪيو ويو آهي. بي اين پي صدر جي سڏ تي نالا موڪليندي. بي اين پي جي سيڪريٽري جنرل مرزا فخر الاسلام عالمگير اهڙو اظهار شاگرد تحريڪ طرفان محمد يونس جي نامزدگي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ ڪيو. هن چيو ته اسان کي شاگردن تي مڪمل اعتماد آهي، پر سڀني پارٽين کي اهميت ڏيڻ گهرجي. ان سان گڏ هن ملڪ ۾ ٽن مهينن اندر چونڊون ڪرائڻ ۽ اقتدار جي منتقلي تي به زور ڏنو. سيڪريٽري جنرل چيو ته بي اين پي جي وقتي چيئرمين طارق رحمان کي پارٽي طرفان جلد وطن واپس اچڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. بنگلاديش جي ڪوٽا مخالف شاگرد تحريڪ جي 13 اڳواڻن جو هڪ گروپ صدر محمد صحاب الدين سان ملاقات لاءِ صدر هائوس ۾ موجود آهي، جتي موجوده صورتحال ۽ عبوري حڪومت جي قيام تي صلاح مشورا جاري آهن. مقامي ميڊيا تي پڻ ٻڌايو ته ملاقات اڱاري جي شام جو ٿي. صدر سان مشاورت لاءِ صدر هائوس ۾ ٿيندڙ هن مشاورتي اجلاس ۾ شاگردن کان علاوه ٽنهي فوجن جا سربراهه به شريڪ ٿيا. ان ملاقات ۾ ڍاڪا يونيورسٽي جو پروفيسر آصف نظر ۽ پروفيسر تنظم الدين به موجود آهن. ان کان اڳ شاگردن پروفيسر ڊاڪٽر محمد يونس جو نالو عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر لاءِ تجويز ڪيو هو. ڊاڪٽر يونس به شاگردن جي پروپوزل جي ذميواري کڻڻ لاءِ حامي ڀري  آهي.  شيخ حسينا جي ڪابينا جي ٻن وزيرن کي ايئرپورٽ تي حراست ۾ ورتو ويو. اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ عوامي ليگ جو جوائنٽ جنرل سيڪريٽري حسن محمود کي ملڪ ڇڏڻ جي ڪوشش دوران حضرت شاهه جلال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي حراست ۾ ورتو ويو آهي.  ان کان اڳ انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي واري اڳوڻي مملڪتي وزير جنيد احمد پلڪ کي به ايئرپورٽ تان حراست ۾ ورتو ويو هو. بنگلاديش فوج جي اعليٰ عهدن تي به ڦيرڦار ڪئي وئي آهي، فوج حسينه واجد جي ويجهو هڪ جنرل کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. اڱاري ڏينهن بنگلاديش جي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز ڊائريڪٽوريٽ (آءِ ايس پي آر) هڪ پريس رليز ۾ ٻڌايو ته آرمي چيف بنگلاديش فوج جي اعليٰ عهدن تي ڦيرڦار ڪئي آهي ۽ ميجر جنرل ضياءُ الحسن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال بابت سومر ڏينهن ڀارتي چينل ٽائمز ناو سان ڳالهائيندي محمد يونس چيو ته 1971ع ۾ پاڪستان کان آزادي کانپوءِ هي اسان جو ٻيون آزادي جو ڏهاڙو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔