9 مئي فوج جو نه پر قوم جو ڪيس آهي، چيف معافي جي ڳالهه ناهي ڪئي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

اسلام آباد: پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جو چوڻ آهي ته آرمي چيف برسلز ۾ معافي جي ڳالهه نه ڪئي، اهو واضح آهي ته جن 9 مئي کي انجام ڏنو، ان جي سهولتڪارن ۽ منصوبابندي ڪندڙن کي قانون موجب جوابده قرار ڏنو وڃي.وفاقي راڄڌاني ۾ منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته آرمي چيف برسلز ۾ ڪنهن به سياسي ڳالهه تي نه ڳالهايو ۽ نه ئي آرمي چيف ڪنهن به معافي جو ذڪر ڪيو، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته برسلز جي تقريب ۾ سوين ماڻهو موجود هئا، ۽ تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن فيلڊ مارشل سان تصويرون ڪڍرايون، هن چيو ته فيلڊ مارشل پي ٽي آءِ بابت ناهي ڳالهايو، 9 مئي صرف فوج جو معاملو ناهي پر قوم جو معاملو آهي، اهو واضح آهي ته جن 9 مئي کي انجام ڏنو، ان جي سهولتڪارن ۽ منصوبابندي ڪندڙن کي قانون موجب جوابده قرار ڏنو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔