ٽرمپ کي رليف،500 ملين ڊالر ڏنڊ وارو فيصلو رد

واشنگٽن : آمريڪي صدر کي عدالت کان وڏي راحت ملي، ڇاڪاڻ ته نيويارڪ اپيل ڪورٽ ڊونلڊ ٽرمپ جي فراڊ جي سزا کي رد ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خبرن جي اداري موجب، نيويارڪ ڪورٽ آف اپيل جي پنج ججن جي بينچ 11 مهينن جي غور ويچار کان پوءِ اپيل تي فيصلو ڏنو. عدالت آمريڪي صدر تي لاڳو ڪيل 500 ملين ڊالر جي ڏنڊ کي رد ڪندي اعلان ڪيو ته ڊونلڊ ٽرمپ تي لاڳو ڪيل ڏنڊ تمام گهڻو هو. عدالت ٽرمپ ۽ سندس پٽن تي ٻن سالن جي ڪاروباري پابندي کي به معطل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٽرمپ ۽ ٽرمپ آرگنائيزيشن تي بينڪن کان قرض وٺڻ جي ٽن سالن جي پابندي کي به معطل ڪيو ويو.ڊونلڊ ٽرمپ تي ڪاروبار کي فائدو ڏيڻ لاءِ ملڪيت جي قيمتن ۾ واڌ جو الزام هو. ان حوالي سان نيويارڪ جي اٽارني جنرل ليٽيشيا جيمس 2022 ۾ ٽرمپ خلاف سول فراڊ جو ڪيس داخل ڪيو، جنهن کان پوءِ 2024 ۾ جج آرٿر اينگورون پاران ڏنڊ جو حڪم ڏنو ويو، جڏهن ته ٽرمپ ڏوهه کان انڪار ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔