عامر لياقت جي بيواهه دانيه شاهه ٻي شادي ڪري ڇڏي، مڙس به سامهون اچي ويو

مشهور ٽي وي ميزبان ڊاڪٽر عامر لياقت جي بيواهه دانيه شاهه ٻي شادي ڪري ورتي، ٻي شادي جي تصديق بابت دانيه شاهه جو وڊيو بيان به سامهون اچي ويو جنهن ۾ ان جو چوڻ آهي ته مان ڪجهه مهينا اڳ وڪيل شهزاد سان ٻي شادي ڪري ورتي آهي.

وڊيو بيان ۾ دانيه شاهه چيو ته منهنجي زندگي ۾ ڪافي مسئلا هلي رهيا هئا جنهن جي ڪري مون کي هڪ اهڙي مرد جي ضرورت هئي جيڪو هر جڳهه تي منهنجو ساٿ ڏئي سگهي ان دوران مون کي شهزاد نڪاح جو پروپوزل اماڻيو، مون ڪافي سوچڻ کانپوءِ شادي جو فيصلو ڪيو

سامهون ايندڙ هڪ ٻي وڊيو ۾ دانيه شاهه کي پنهنجي مڙس سان گڏ روڊ تي بيٺل دوستن سان ملرائيندي به ڏسي سگهجي ٿو

وڊيو ۾ دانيه شاهه جو مڙس شهزاد چئي رهيو آهي ته هي وڊيو انهن لاءِ آهي جنهن کي منهنجو دانيه شاهه سان نڪاح مذاق لڳندو آهي منهنجي دانيه شاهه سان شادي 2-4 مهينا اڳ ٿي چڪي آهي.

ياد رهي ته دانيه شاهه کي 2022 ۾ عامر لياقت جي اعتراض جوڳي وڊيو ٺاهي وائرل ڪرڻي الزام ۾ لوهدان مان گرفتار ڪري ڪراچي منتقل ڪيو ويو جنهن کان پوءِ ڪيترن ئي مهينن کان پوءِ عدالت ان جي آزادي جو حڪم جاري ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔