پي ٽي آءِ هڪ دفعو ٻيهر سائفر جو الزام آمريڪا تي لڳائي ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان  آمريڪي ايوان نمائندگان  ۾ قرارداد جي منظوري جي ٻن ڏينهن کان پوءِ سائفر جو الزام هڪ دفعو ٻيهر آمريڪا تي لڳائي ڇڏيو.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي عمر ايوب چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عدت ڪيس جو فيصلو چيلينج ڪري رهيا آهيون. مصروفيتن سبب پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان استعيفيٰ ڏنو. عمر ايوب چيو ته وزيراعظم مڃيو ته اهو آءِ ايم ايف جو بجيٽ آهي. محسن نقوي ساڍا 400 ارب جي ڪڻڪ گهرائي حڪومت هاڻ چئي رهي آهي ته ڪڻڪ درآمد ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته آمريڪا سائفر ذريعي پاڪستان ۾ مداخلت ڪئي. ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ آمريڪي ايوان نمائندگان هڪ قرارداد منظور ڪئي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته 8 فيبروري جي اليڪشن ۾ مداخلت ۽ بي ضابطگين جي دعوائن جي آزادانه ۽ اڻ ڌري جاچ ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔