ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024: سيمي فائنل ۾ ڪهڙي ٽيم ڪنهن سان کيڏندي؟ فيصلو ٿي ويو

لنڊن:  آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 پنهنجي اختتام طرف پهچڻ وارو آهي ڪرڪيٽ جي دنيا کي هلندڙ سال جي ورلڊ ڪپ جو چيمپين به ملي ويندو.

اڄ افغانستان ۽ بنگلاديش جي ميچ کان پوءِ افغانين کٽڻ جو فيصلو ڪري ورتو ته سيمي فائنل ۾ ڪهڙيون چار ٽيمون هڪ ٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون

افغانستان اسپنر راشد خان جي قيادت ۾ بنگلاديش کي 8 رنسن تان شڪست ڏئي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سيمي فائنل ۾ جڳهه ٺاهي جنهن کان پوءِ  سڄي دنيا انهن جي خوشي کي ڏٺو. ان کان اڳ انگلينڊ ڏکڻ آفريقا ۽ ڀارت اڳ ئي سيمي فائنل ۾ پهچي چڪا آهن.

هاڻ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڪهڙي ٽيم ڪنهن سان ميچ کيڏندي؟ اوهان کي  ٻڌائيندا هلون ته پهريون سيمي فائنل پاڪستاني وقت موجب 27 جون خميس جي صبح 5:30 وڳي ڏکڻ آفريقا ۽ افغانستان جي وچ ۾ کيڏيو ويندو.

ٻيون سيمي فائنل پاڪستاني وقت موجب شام ساڍي 7 وڳي خميس 27 جون تي ئي ڀارت ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ کيڏيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔