خلائي ملبو، ناسا خلاف هرجاڻي جو ڪيس داخل

ڪراچي: آمريڪي رياست فلوريڊا جي هڪ شهري گهر جي ڇت تي خلائي ملبو ڪرڻ تي ناسا خلاف هرجاڻي جي دعوا داخل ڪئي آهي. درخواست گذار جي وڪيل جو چوڻ آهي ته ملبو ڪرڻ سبب ڇت ڦاٽي پئي پر ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو. گهر ڀاتي ذري تي بچي ويا ۽ واقعي بعد هو عجيب خوف واري ڪيفيت ۾ هئا. گهر جي مالڪ اوليجيندرو اوتيرو جو چوڻ آهي ته مونکي پٽ فون ڪري واقعي جو ٻڌايو ته ڪافي ڊنل هو ۽ مان ڪم اڌ ۾ ڇڏي گهر آيس. ناسا اسانکي پهتل ذهني اذيت جو ازالو ڪري ۽ معاوضو ڏنو وڃي. واشنگٽن پوسٽ جي خبر موجب ناسا ڪيس ۾ جواب داخل ناهي ڪرايو ۽ نه ئي پنهنجو رد عمل جاري ڪيو آهي. قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته هي پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪيس آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔