ڊيره اسماعيل خان: ڪي پي ڪي جي وڏي وزير گرڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿي بجلي بحال ڪري ڇڏي

ڊيره اسماعيل خان: ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پاڻ گرڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿي بجلي بحال ڪري ڇڏي ۽ چيو آهي ته 12 ڪلاڪ کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ نه ٿيندي.

رپورٽ موجب وفاق ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت وچ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو تڪرار وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو. اڄ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ڊيرا اسماعيل خان ۾ ماڻهن جي هجوم سان گڏ بجلي بحال ڪرڻ لاءِ گرڊ اسٽيشن پهچي ويو. ان موقعي تي ڊي پي او ڊيره ناصر محمود ۽ ڊي ايس پي عدنان به موجود هئا. وڏي وزير گرڊ اسٽيشن تان بجلي بحال ڪري ڇڏي.

ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي پريس سيڪريٽري موجب وڏي وزير پنهنجي اعلان موجب لوڊشيڊنگ جو ٽائيم 12 ڪلاڪ فڪس ڪيو. وڏي وزير پاڻ لوڊشيڊنگ جو شيڊول تيار ڪيو ۽ چيو آهي ته هاڻ ڪنهن به علائقي ۾ 12 ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت جي لوڊشيڊنگ نه ٿيندي.

علي امين گنڊاپور چيو ته صوبي جا سمورا پارليامينٽريز پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ گرڊ اسٽيشنن جو دورو ڪري 12 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ تي عمل ڪرائڻ جو حڪم ڏين.

ياد رهي ته خيبرپختونخواهه ۾ 18-18 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. وڏي وزير مطالبو ڪيو آهي ته لوڊشيڊنگ جو ٽائيم وڌيڪ 6 ڪلاڪ گهٽ ڪري 12 ڪلاڪ تي آندو وڃي. ٻئي طرف وفاق صوبي ۾ بجلي جي چوري جو الزام لڳايو آهي ۽ چوري ۾ گهٽتتائي جي صورت ۾ ئي بجلي جي فراهمي جو واعدو ڪيو آهي.

ٻئي پاسي وڏي وزير جي هدايت تي ايم پي اي فضل الاهي به رحمان بابا گرڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿي زبردستي 10 فيڊرز تي بجلي بحال ڪرائي ڇڏي. پيسڪو اختيارين موجب ڪي پي ڪي اسيمبلي ميمبر فضل الاهي رات 11 وڳي زبردستي بجلي بحال ڪري ويو. ان جي وڃڻ کان پوءِ بجلي ٻيهر بند ڪئي وئي جنهن تي هو صبح ٻيهر آيو ۽ زبردستي چار فيڊرز تي بجلي بحال ڪرائي ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔