سنڌ جي بجيٽ سڀاڻي پيش ٿيندي، مخصوص بجلي جا يونٽ مفت ڏيڻ جي تجويز

ڪراچي: سنڌ جي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ سڀاڻي پيش ڪئي ويندي.ذريعن موجب سنڌ جي مجموعي بجيٽ جو ڪاٿو 2300 ارب رپيا رکڻ جو امڪان آهي ۽ ترقياتي بجيٽ 257 ارب رپين کان وڌيڪ رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ ۾ پيپلز پارٽي جي چونڊ منشور تي ڌيان ڏنو ويندو، صاف پاڻي جي فراهمي جي منصوبن تي تمام گهڻي رقم خرچ ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته 300 يونٽن تائين بجلي مفت ڏيڻ جي تجويز تي عملدرآمد تي زور ڏنو ويندو. ذريعن موجب اجلاس ۾ نيون ترقياتي اسڪيمن بدران جاري ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۽ محدود نيون ترقياتي اسڪيمون پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ آڻڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.ان کان علاوه سنڌ جي بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ نوان ٽيڪس تجويز، ٽيڪسن ۾ تبديلي ۽ مفت بجلي يونٽ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔