اسلام آباد:: وزيراعظم شهباز شريف جي يو آءِ(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي پرچائڻ جي لاءِ سندس گهر پهچي ويو.وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان سان ملاقات لاءِ سندس رهائشگاهه پهتو جتي جي يو آءِ(ف) جي سربراهه سندس استقبال ڪيو.وزيراعظم ۽ مولانا فضل الرحمان جي ملاقات ۾ سياسي مسئلن کي گڏيل تعاون سان حل ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي.ان دوران وزيراعظم مولانا فضل الرحمان جي ديني خدمتن جي تعريف ڪندي چيو ته مولانا فضل الرحمان هميشه جمهوري قدمن جي حفاظت لاءِ پرامن جدوجهد کي اوليت ڏني آهي.