اسلام آباد: پاڪستان جو جديد ڪميونيڪيشن سيٽلائيٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون زمين جي مدار ۾ پهچي ويو
اسپارڪو جي ترجمان موجب ملٽي مشن ڪميونيڪيشن سيٽلائيٽ ايم ايم ون 5 جون تي ڌرتيءَ جي مدار ۾ داخل ٿيو. سيٽلائيٽ ايم ايم ون کي اسپارڪو طرفان 30 مئي تي خلا ۾ موڪليو ويو هو
پاڪ سيٽ ايم ايم ون زمين کان 38 هزار 786 ڪلوميٽر جي بلندي جي مدار ۾ 38.2 ڊگري اوڀر تي موجود آهي.
اسپارڪو جي ترجمان موجب 5 ٽن وزني پاڪ سيٽ ايم ايم ون مواصلاتي جديد اوزارن سان ليس آهي، سيٽلائيٽ ملڪ ۾ تيز ترين انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪندو
ترجمان موجب، مدار ۾ پهچڻ بعد سيٽلائيٽ جا سولر پينل استعمال ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.
مدار ۾ سيٽلائيٽ جي صحت کي جانچڻ لاءِ مختلف ٽيسٽ ڪيا ويندا