اسلام آباد: وزيراعظم محمد شهباز شريف هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيل ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي تعزيت لاءِ ايران روانو ٿي ويو آهي.
ايران جي دوري ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، عطا تارڙ ۽ محسن نقوي به گڏ آهن. وزيراعظم دوري دوران سپريم ليڊر آيت الله امام خامنائي ۽ ايران جي وقتي صدر ڊاڪٽر محمد مخبر سان ملاقات ڪندو
شهباز شريف پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت طرفان صدر ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسين امير، عبداللهيان ۽ ٻين جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندو.