ڪراچي: اڄ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، جيڪي هن ملڪ جي اڌ آبادي آهن، ان اڌ آباديءَ جي حصي ۾ آيل آهي سال جو هڪڙو ڏينهن، مارچ مهيني جو اٺون ڏينهن، اڄ سڄي دنيا وانگر اسان جي ملڪ ۾ به عورتن جو اهو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. عورتن جي حقن جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ جاڳرتا ريليون ڪڍيون وينديون، خاص پروگرام منعقد ڪيا ويندا، سرڪاري سيمينارن ۾ لفظن جي فضول خرچيءَ جا رڪارڊ ٽوڙيا ويندا، عورتن جي حقن جي تحفظ جا وچن ورجايا ويندا ۽ پوءِ جيئن ئي ڏينهن پڄاڻيءَ تي پهچندو ته سمورا واعدا ۽ وچن، عورت دشمن روين تي تنقيد ۽ تبرا، شعلا بيانيءَ جا ڏيکاريل جوهر ويسر جي ڪٻاڙ خاني ۾ هليا ويندا.
هونئن ته هن ملڪ جي سمورن صوبن ۾ عورتن جي حقن جي حوالي سان صورتحال ڪا گهڻي بهتر نه آهي، پر سنڌ ۾ انهيءَ کي بنهه ابتر چئجي ته غلط نه ٿيندو. ڪارنهن جي نالي ۾ عورتن جي قتل کي فل اسٽاپ اچي نه سگهيو آهي. شايد ئي ڪو اهڙو ڏينهن هجي، جنهن ڏينهن عورتن جي قتل جا واقعا رپورٽ نه ٿيندا هجن. عورتون ڀوتارڪن فيصلن ۾ سڱ چٽيءَ ۾ ڏنيون وڃن ٿيون، جرڳن ۾ عورتن جي زندگيءَ جي قيمت ۽ عصمت جو اگهه لڳايو وڃي ٿو. مذهب جي جبري تبديليءَ جي تلوار به عورتن مٿا ڪِري ٿي. ڪا عورت پاڻ سان ٿيندڙ ظلمن ۽ سماج جي ڪوڙهيل روايتن سان بغاوت ۽ “نه” چوڻ جي جرئت ڪري ته پوءِ ڪيڏانهن وڃي؟ اهڙين عورتن کي يا ته باقي عمر ڀوتارن جي ڪوٽن ۾ “سيڪس هوسٽيج” (جنسي يرغمالي) بڻجي گذارڻي پوي ٿي يا وري ان لاءِ سمورا رستا مقتل گاهه ڏانهن وڃن ٿا. سرڪاري شيلٽر هائوس نه آهن. سنڌ ۾ جيڪي دارالامان آهن، انهن جي حوالي سان وقت بوقت رپورٽ ٿيندڙ خبرن مان اهو پتو پوي ٿو ته مظلوم عورتن کي اتي به امان حاصل نه آهي. اتي به جنسي ۽ جسماني تشدد سبب عورتن جي خودڪشين يا اتان فرار ٿيڻ جا واقعا رپورٽ ٿيندا رهيا آهن. مطلب ته قانون طرفان عورتن کي ڪو به اوٽ ۽ اجهو، تحفظ مهيا نٿو ٿئي، نتيجي ۾ اهڙيون عورتون بي موت مارجي وڃن ٿيون.
توڙي جو اسان جي ملڪ ۾ عورتن جي حقن جي حوالي سان قانونسازي ته ڪيل آهي، پر انهن قانونن تي عمل نٿو ٿئي. نياڻين جي تعليم جي حق جي رستي روڪ ڪئي وڃي ٿي، يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ هراسمينٽ وارو ماحول به وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي. اهي ساڳيون حالتون ورڪنگ وومين کي به درپيش آهن. حڪومت ان حوالي سان ڪهڙا عملي قدم کنيا آهن؟ رڳو سيمينارن ۾ صدارتي ڪرسين جي والار کانسواءِ، سرڪاري اهلڪارن ٻيو ڇا ڪيو آهي؟ توڙي جو جرڳن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان پابندي آهي پر حڪومت عورتن جي حوالي سان جرڳا به روڪرائي نه سگهي آهي. ايتريقدر جو ڪيترائي جرڳا، سرڪٽ هائوسز ۾ پوليس جي پهري ۾ ٿين ٿا، انهن ۾ سنڌ حڪومت جي اهلڪارن ۽ چونڊيل نمائندن جي شرڪت به رپورٽ ٿيندي رهي آهي، جنهن مان هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل جي حوالي سان سرڪاري سنجيدگيءَ جو اندازو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو. حڪومت رڳو عورتن جي حقن جي تحفظ بابت قانونن تي سختيءَ سان عمل ڪرائي، جرڳائي ڀوتارن کي ناڪيلي وجهي ته گهڻا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.
ڪنهن به سماج جي ترقيءَ جو دارو مدار عورتن جي ترقيءَ، انهن جي بااختيار هجڻ ۽ انهن جي تعليم تي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، سنڌ ۾ عورتن جي تحفظ جي حوالي سان قانونن تي عمل ڪرائڻ لاءِ عملي تحرڪ ورتو وڃي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي حوالي سان اهو چئي سگهجي ٿو ته، عورتن جي مالي طرح سهائتا جي ڪوشش طور “ايءُ پڻ چڱو ڪم” پر جيڪو “ٻيو فهم” آهي، اهو آهي مستقل بنيادن تي انهن جي روزگار جي فراهمي، جنهن سان انهن جي پاڻڀري ٿيڻ جا حقيقي امڪان پيدا ٿيندا. اعليٰ تعليمي ادارن ۾ هراسمينٽ جو خاتمو، تعليمي سرگرمين لاءِ سازگار ماحول جي فراهميءَ کي يقيني بڻايو وڃي. عورت دشمن جرڳن تي پابنديءَ واري عدالتي فيصلي تي عمل ڪرايو وڃي.