لنڊن : مصر ۽ ليورپول جي فارورڊ محمد صلاح ٽيون ڀيرو فٽبالر آف دي ايئر جو ايوارڊ کٽيو آهي.پيشيور فٽبالرز ايسوسيئيشن مصر ۽ ليورپول جي 33 سالن جي محمد صلاح کي فٽبالر آف دي ايئر قرار ڏنو آهي.محمد صلاح، جيڪو 2017 ۾ ليورپول ۾ شامل ٿيو، گذريل پريميئر ليگ ۾ 29 گولن سان ٽاپ اسڪورر هو ۽ پنهنجي ٽيم کي ٽائيٽل کٽڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.محمد صلاح پريميئر ليگ ۾ 29 گولن سان پليئر آف دي سيزن پڻ هو، ۽ سڀ کان وڌيڪ اسسٽس لاءِ گولڊن بوٽ ۽ پلي ميڪر ايوارڊ پڻ کٽيو آهي.محمد صلاح پهريون رانديگر بڻجي ويو آهي جنهن ساڳئي سيزن ۾ پليئر آف دي ايئر سميت سڀئي ٽي ايوارڊ کٽيا آهن. صلاح ان کان اڳ 2018 ۾ ليورپول ۾ پنهنجي پهرين سيزن ۾ ۽ ٻيهر 2022 ۾ پليئر آف دي ايئر جو ايوارڊ کٽيو هو.