پنجاب اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي چونڊيل 24 ميمبرن حلف کڻي ورتو، اپوزيشن جو احتجاج

لاهور: پنجاب اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي چونڊيل 24 ميمبرن حلف کڻي ورتو.

اسپيڪر ملڪ احمد خان عورتن جي 21 ۽ اقليتن جي 3 مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرز کي حلف کڻايو، اپوزيشن جو سخت احتجاج، گوڙ ۽ نعريبازي ڪئي وئي

سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل پي ٽي آءِ جي حمايت يافته ميمبرز پاران اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو ويو.

اپوزيشن اڳواڻ راڻا آفتاب چيو ته مخصوص سيٽن وارو ڪيس عدالت ۾ هئڻ سبب پنجاب حڪومت اُٻهرائي ۾ ميمبرن کي حلف کڻايو.

سني اتحاد ڪائونسل جون سيٽون ٻين جماعتن ۾ ورهائڻ ۽ انهن ميمبرز کي حلف کڻائڻ وڏي ناانصافي آهي.

اسپيڪر چيو ته سڀاڻي صدارتي چونڊون آهن، سوچيو ته جمعي نماز کان اڳ اجلاس سڏايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔