اليڪشن ڪميشن سمورن بلدياتي کاتن جا فنڊز منجمد ڪري ڇڏيا، نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو
اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب مقامي حڪومتون رڳو سينيٽيشن ۽ صفائي وارا ڪم سرانجام ڏينديون
اليڪشن چيو آهي ته ڪنهن به بلدياتي ترقياتي اسڪيم جو اعلان نه ڪيو ويندو ۽ نه ان تي ڪم ڪيو ويندو
نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مقامي حڪومتون ۽ ڪنٽونمينٽ بورڊز عام چونڊن جا نتيجا اچڻ تائين ٽينڊرز به جاري نه ڪري سگهندا