مني لانڊرنگ ڪيس: شهباز شريف ۽ سندس پٽن جي بريت لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مرزا شهزاد اڪبر شهباز شريف جي گهر ڀاتين خلاف مني لانڊنگ ڪيس ۾ بريت کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.

اڳوڻي احتساب بابت صلاحڪار مرزا شهزاد اڪبر طرفان ايف آءِ اي سينٽرل ڪورٽ نمبر ون جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو. شهباز شريف، حمزه شهباز ۽ سلمان شهباز سميت ٻين جوابدارن جي بريت لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪئي وئي آهي.

مرزا شهزاد اڪبر ايڊووڪيٽ هارون الياس جي حوالي سان سينٽرل ڪورٽ جو فيصلو چيلينج ڪيو. ايڊووڪيٽ هارون الياس ڪيس ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪرڻ جي درخواست به داخل ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ ايف آءِ اي ۽ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ سميت ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي

درخواست ۾ شهزاد اڪبر جو موقف آهي ته ايف آءِ اي سينٽرل ڪورٽ جو فيصلو حقيقتن کان هٽي ڪري آهي. ڇو ته جاچ دوران 29 بي نامي اڪائونٽ سامهون آيا. 15 هزار ٽرانزيڪشن جو رڪارڊ به موجود هو جنهن کي چالان جو حصو بنايو ويو آهي ۽ چالان ۾ 100 ماڻهن جي گواهن جي فهرست ڏني وئي آهي.

درخواستگذار موجب 15 هزار ٽرانزيڪشن کان 16 ارب روپين جي مني لانڊرنگ ڪئي وئي آهي پر ان جي باوجود 22 ڊسمبر تي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جون ضمانتون ڪنفرم ڪيون ويون. ضمانتون ڪنفرم ڪندڙ ججز کي ان وقت جي وزيراعظم شهباز شريف انفارميشن ڪمشنر مقرر ڪري ڇڏيو.

شهزاد اڪبر جو موقف آهي ته ٻڌڻي دوران ٽرائيل ڪورٽ 27 سوال اٿاريا ۽ ايف آءِ اي کان جواب طلب ڪيا جيڪي غير آئيني آهن. ٽرائيل ڪورٽ ڪيئن سوال اٿاري سگهي ٿي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ٽرائيل ڪورٽ حقيقتن جي ابتڙ جوابدارن کي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو. ٽرائيل ڪورٽ جن جوابدارن کي بري ڪيو انهن جي خلاف دستاويز ثبوت موجود هئا.

جوابدارن جي خلاف 4 هزار صفحن تي ٻڌل دستاويزي ثبوت درخواست سان گڏ جمع  ڪرايو ويو. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته عدالت ايف آءِ اي ٽرائيل سينٽرل ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔