9 مئي جي 12 ڪيسن ۾ عمران خان جو جوڊيشل ريمانڊ منظور

راولپنڊي: دهشتگردي جي انت واري عدالت 9 مئي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جو جوڊيشل ريمانڊ منظور ڪري ورتو آهي.

راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ملڪ اعجاز اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني جي خلا  9 مئي جي 12 ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن سلسلي ۾ عمران خان طرفان سندس وڪيل ملڪ فيصل ۽ شهباز کوسه پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران پوليس عمران خان جي 30 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو. عدالت عمران خان کي 9 مئي جي 12 ڪيسن ۾ 14 ڏينهن جو جوڊيشل ريمانڊ ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔