سپريم ڪورٽ جي جج مظاهر اڪبر نقوي جي استعيفيٰ منظور

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ جي جج مظاهر اڪبر نقوي جي استعيفيٰ منظور، صدر عارف علوي نگران وزيراعظم جي مشاورت سان آرٽيڪل  179 تحت استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي

 گذريل ڏينهن جسٽس مظاهر اڪبر نقوي پنهنجي خلاف جڊيشل ڪائونسل ۾ 10 شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿيڻ کان اڳ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، مظاهر نقوي استعيفيٰ ۾ لکيو هو ته هاڻوڪين حالتن ۾ ڪم جاري رکڻ ممڪن ناهي رهيو

 مظاهر نقوي شوڪاز نوٽيس تي جڊيشل ڪائونسل ڏانهن لکيل جواب ۾ چيو هو ته مٿس لڳايل الزام ڪوڙا آهن، غلام محمد ڊوگر ڪيس ۾ ڪو رليف نه ڏنو ۽ نه ئي زاهد رفيق کي رليف ڏنو ويو

 زاهد رفيق پُٽن کي پلاٽ ڏنو ته اِن معاملي سان منهنجو ڪوبه واسطو ناهي، منهنجو لاهور جي ڇانوڻي وارو گهر ٽئڪس گوشوارن ۾ ظاهر آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔