نواز شريف العزيزيه ڪيس مان به بري ٿي ويو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ مسلم ليگ ن جي قائد ميان محمد نواز شريف کي بري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ العزيزيه ريفرنس ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ فيصلو محفوظ ڪيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مختصر فيصلو جاري ڪيو ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيل منظور ڪندي کيس بري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ريفرنس واپس احتساب عدالت ڏانهن موڪلڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

ياد رهي ته 6 جولاءِ 2018 تي اسلام آباد جي احتساب عدالت نواز شريف کي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ 11 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي

اسلام آباد جي احتساب عدالت 24 ڊسمبر 2018ع تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ 7 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔