منهنجي خلاف سپريم جوڊيشل ڪونسل جي ڪارروائي ڪوڙ تي ٻڌل آهي: جسٽس مظاهر نقوي

اسلام آباد:سپريم جوڊيشل ڪونسل جي ڪارروائي خلاف جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکي ڇڏيو آهي.

تفصيل موجب چيف جسٽس ڏانهن لکيل خط جي متن ۾ لکيو ويو آهي ته منهنجي خلاف سپريم جوڊيشل ڪونسل جي ڪارروائي ڪوڙ تي ٻڌل آهي. هي منهنجو ذاتي معاملو نه آهي پر هاڻ هي معاملو اداري جو آهي. ڇا سپريم ڪورٽ انهي معاملي تي مون سان گڏ بيهندي؟ مان سياسي ايليٽ جي هٿن ۾ نه کيڏيو آهيان انهي جي لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڀوڳي رهيو آهيان

جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي لکيل خط ۾ الزام لڳايو آهي ته سپريم جوڊيشل ڪونسل جي چيئرمين منهنجي خلاف توهين جوڳو رويو رکيو آهي.

سپريم ڪورٽ جو بينچ جيڪو منهنجو ڪيس ٻڌي رهيو آهي اهو قاعدن جي خلاف ٺاهيو ويو آهي. 14 ڊسمبر تي ڪونسل جو اجلاس منهنجو ڪيس ٻڌڻ کان سواءِ گهرايو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔