71 ڪروڙ ڊالر قرض جي قسط: پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون 2 نومبر تي ٿينديون

اسلام آباد: پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 3 ارب ڊالر جي اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ جي تحت ملندڙ 71 ڪروڙ ڊالر قرض جي ٻئي قسط لاءِ ڳالهيون 2 نومبر تي ٿينديون.

ذريعن موجب ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف ٽيم جي قيادت ناتهن پورٽر ڪندو. پاڪستان جي حڪومت بيروني سيڪٽر جي چيلنجن باوجود ڳالهين جي  ڪاميابي لاءِ پراميد آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته اسٽاف ليول ڳالهين جي ڪاميابي تي ڊسمبر ۾ قرض جي ٻئي قسط جي منظوري ڏني ويندي. ڳالهين ۾ مشڪل معاملو بيروني فنانسنگ ۾ فرق ٿيندو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته پاڪستان بيروني فنانسنگ ۾ شارٽ فال جو اندازو ساڍا 4 ارب لڳائي رکيو آهي. ڳالهين ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جو ايڪسچينج ريٽ ۽ مانيٽري پاليسي به بحث هيٺ ايندا پاور ڊويزن جي سرڪلر ڊيٽ ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ شرط پوري ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔