پاڪستان دهشتگردي ۽ پرڏيهي جارحيت جهڙن سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي:وزيراعظم

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ يوم دفاع ۽ شهداءِ پاڪستان جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، صدر عارف علوي چيو آهي ته وطن جي دفاع لاءِ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي سلام پيش ڪيون ٿا

 نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان کي اڄ انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ پرڏيهي جارحيت جهڙن سڪيورٽي چئلينجز جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، ڪشمير جو تڪرار خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي،  عالمي برادري کي اڳتي وڌي ان مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي

 آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 6 سيپٽمبر 1965 جي جنگ ثابت ڪيو ته غيور قوم پنهنجي سرحدن جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهي

آءِ ايس پي آر موجب 6 سيپٽمبر تي وطن جي پٽن جانيون قربان ڪري پاڪ سرزمين جو دفاع ڪيو، اڄ سڄي قوم سندن قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي، قوم جانيون قربان ڪندڙ سمورن شهيدن جي قربانين جي قرضي آهي

پاڪ فوج ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج هر طرح جي اندرين ۽ ٻاهرين خطرن جي خلاف وطن جي دفاع لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔