لاهور: استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ فياض الحسن چوهان چيو آهي ته چيئرمين پي ٽي آءِ جي اٽڪ جيل ۾ اي ڪلاس گهر غيرقانوني ۽ غير منطقي آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ اڳوڻي وزير فياض چوهان چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي دور ۾ جيلن ۾ اي ڪلاس ختم ڪئي وئي هئي پي ٽي آءِ حڪومت جيل جا قانون تبديل ڪري پاڻ اي ڪلاس ختم ڪري ڇڏي هئي.
پنجاب جيل رولز موجب هاڻ عام ڪلاس ۽ بي ڪلاس هوندي آهي، بي ڪلاس ۾ ٽي وي، بيڊ، ٽيبل، ڪرسي ۽ اخبار جي سهوليت مليل آهي.
ٻئي طرف ذريعن ٻڌايو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جيل ۾ رهڻ دوران سخت پريشان ۽ ناخوش آهي. جيل ذريعن موجب عمران خان گذريل ڏينهن وڪيلن سان ملاقات دوران چيو هو ته مون کي ٻاهر ڪڍو، مان جيل ۾ نٿو رهڻ چاهيان.