ملڪ کي ترقي ڏيارڻ لاءِ پرڏيهي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾لڪيل خزانا دريافت ڪرڻ جي دعوت ڏيون ٿا: آرمي چيف

اسلام آباد: آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته ملڪ کي ترقي ڏيارڻ لاءِ پرڏيهي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ لڪيل خزانا دريافت ڪرڻ جي دعوت ڏيون ٿا . معدنياتي منصوبا عوام جي ترقيءَ جا اهم ڏاڪا آهن.   اسان جي معاشرتي ذميواري آهي ته اسان سڀ ملي ملڪ جي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون.

آرمي چيف جنرل عاصم منير اسلام آباد ۾ پاڪستان منرلز سمٽ کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري دوست نظام کي يقيني بنائينداسين. اهڙو نظام ضروري آهي جتي آسان شرط هجن ۽ غير ضروري التوا کان بچي سگهجي. خدا به انهن جي مدد ڪري ٿو جيڪي پنهنجون حالتون تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اسان پاڪتان کي ترقيءَ جي  دڳ تي آڻڻ چاهيون ٿا

آرمي چيف چيو ته سوره رحمان ۾ رب پاڪ فرمايو آهي ته اوهان پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪندو. آرمي چيف قرآن پاڪ جو حوالو ڏيندي چيو ته رب پاڪ انهن جي مدد ڪندو آهي جيڪي پنهنجي مدد پاڻ ڪندا آهن.

آرمي  چيف وڌيڪ چيو ته ساحلي پٽي کان ميداني علائقن تائين هن زمين ۾ ڇا ڪجهه نه آهي. اسان سڀني جي معاشرتي ذميواري آهي ته اسان ملي ملڪ جي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون.

هن چيو ته سرمائيڪار  اهڙي ڀروسي سان هتي ايندا ته فوري فيصلا ٿيندا، انهن جي سرمائيڪاري ضايع نه ٿيندي. ملڪ ۾ اڪنامڪ گروٿ ٿيندي هنن جي مائننگ لائسننگ ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ  نه ٿيندي. پرڏيهي سيڙپڪار هتي هڪ نئين اقتصادي ٽيڪنالاجي کڻي ايندا صنعتون ٺاهيندا. جنهن سان اسان جي ماڻهن  جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو، مقامي ماڻهن جا مسئلا حل ٿيندا، روزگار جا ذريعا وڌندا ۽ منرلز کي ترقي ملندي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔