ڪوئيٽا ۾ فائرنگ: پوليو کان بچاءُ واري ٽيم جي سيڪيورٽي تي مقرر 2 اهلڪار شهيد

ڪوئيٽا: ڪوئيٽا ۾ پوليس کان بچاءُ واري ٽيم تي فائرنگ سبب 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا.

پوليس موجب فائرنگ جو واقعو ڪوئٽه جي ڏوراهين علائقي نوان ڪلي ۾ پيش آيو جتي نامعلوم هٿياربندن پوليو کان بچاءُ واري ٽيم تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾  سيڪيورٽي لاءِ مقرر 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. پوليس موجب فائرنگ کان پوليو جي بچاءُ واري ٽيم محفوظ رهي.

بلوچستان جي وڏي وزير پوليو ڊيوٽي تي مقرر پوليس اهلڪارن مٿان فائرنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ فائرنگ جي واقعي جي رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي.

پوليس موجب هٿياربند جوابدار موٽر سائيڪلن تي سوار هئا جيڪي ٻن مختلف طرفن کان آيا هئا. واقعي کان پوءِ جوابدار آساني سان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري علائقي ۾ پهچي وئي، جوابدارن جي ڳولا وارو عمل شروع ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته ان کان اڳ به ڪوئٽه ۾ پوليو ٽيمن تي ڪيترائي حملا ٿي چڪا آهن جنهن ۾ ڪيترائي پوليس اهلڪار شهيد  ۽ زخمي پڻ ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔