پاڪستان ۽ چين مختلف شعبن ۾ سهڪار جي مفاهمتي يادداشتنامن تي صحيحون ڪري ورتيون

پاڪستان ۽ چين مختلف شعبن ۾ سهڪار جي مفاهمتي يادداشتنامن تي صحيحون ڪري ورتيون

وزيراعظم شهباز شريف، چين جي نائب وزيراعظم هِي لِيفنگ ۽ ٻين تقريب ۾ شرڪت ڪئي، پاڪستان ياترا تي آيل چين جي نائب وزيراعظم هِي لِيفنگ وزيراعظم هائوس جو دورو به ڪيو

وزيراعظم شهباز شريف چيني نائب وزيراعظم جي آجيان ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف چيني نائب وزيراعظم کي پنهنجي ڪابينا جو تعارف ڪرايو

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله، احسن اقبال، سعد رفيق ۽ ٻين وزيرن چيني نائب وزيراعظم سان هٿ ملايو

چين جو نائب وزيراعظم سي پيڪ منصوبي کي 10 سال مڪمل ٿيڻ وارين تقريبن ۾ شرڪت لاءِ گذريل ڏينهن پاڪستان پهتل آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔