نگران وزيراعظم جي نالي تي مشاورت لاءِ اپوزيشن پارٽين جو اجلاس طلب

اسلام آباد: :قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض نگران وزيراعظم جي نالي تي مشاورت جي لاءِ اربع تي اپوزيشن پارٽين جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.

اپوزيشن اڳواڻ ان سلسلي ۾ چيو آهي ته نگران وزيراعظم جي نالي تي غور جي لاءِ جماعت اسلامي ۽ جي ڊي اي جي ميمبرن کي به دعوت ڏني وئي آهي. نگران وزيراعظم جي لاءِ 3 نالا تجويز ڪيا ويندا. ڪوشش هوندي ته تجويز ڪيل نالن ۾ ماهر معيشت، سياستدان ۽ ٽيڪنو ڪريٽ شامل هجن

ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ نگران وزيراعظم جي مقرري جي سلسلي ۾ مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ مشاورت جو ٻيو دور شروع ٿيو هو جنهن ۾ پ پ جي وفد ۾ راجا پرويز اشرف، نويد قمر ۽ خورشيد شاهه شامل هئا جڏهن ته خواجه آصف ۽ اياز صادق به انهن سان ملاقات ڪئي هئي. جنهن ۾ نگران وزيراعظم جي مقرري حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔