جج جي گهر واري جو نوڪرياڻي تي تشدد: وزيراعظم نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد:اسلام آباد ۾ سول جج جي گهر واري هٿان تشدد جو شڪار گهريلو نوڪرياڻي رضوانه 6 ڏينهن کان لاهور جي جنرل اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، ڊاڪٽرن ٻارِڙي جي لاءِ 48 ڪلاڪ اهم قرار ڏئي ڇڏيا آهن.

پرنسپل پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج جي پروفيسر نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن رضوانه جي طبيعت بهتر هئي. اڄ صبح 4 ڳي سندس طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي. رضوانه کي ٻيهر آڪسيجن لڳائي وئي آهي. رضوانه جي طبيعت خراب ٿئي ٿي ته سندس دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويندي آهي. اڄ دل جو ڊاڪٽر به رضوانه جو معائنو ڪندو

هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف 14 ورهين جي ٻارڙي رضوانه تي گهريلو تشدد جي واقعي جو نوٽيس وٺندي متاثر ٻارڙي جي والدين کي انصاف جي فراهمي جو يقين ڏياريو آهي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته معاشرو اهڙي انڌير نگري، ظلم ۽ جبر برداشت نٿو ڪري سگهي. پوليس ڪنهن به قسم جي دٻاءُ ۾ اچڻ کان سواءِ  قانون تي سختي سان عمل ڪري.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ظالم ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪنهن به صورت ۾ رعايت جا مسحق نه آهن. قانون تي عمل هر صورت ۾ يقيني بنايو وڃي. جوابدار ڪير آهي اهو نه ڏٺو وڃي متاثر خاندان کي انصاف جي فراهمي يقيني بنائي وڃي.  وزيراعظم پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي کي به ٻارڙي جي علاج لاءِ بهترين سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪندي واقعي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

متاثر ٻارڙي جي والدين طرفان پنهنجي ڌيءَ کي  زهر ڏيڻ جو امڪان به ظاهر ڪيو ويو آهي جنهن تي ٻارڙي جي سار سنڀال ڪندڙ عملي ٻارڙي جا نمونا وٺي ٽيسٽ جي لاءِ ليبارٽري اماڻي ڇڏيا آهن.a

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔