سنڌ ۾ 19هين ۽ 20هين گريڊ جي ڪامورن جو بحران :93 پوسٽون خالي پيل

ڪراچي: سنڌ ۾ 19هين ۽ 20هين گريڊ جي انتظامي عهدن تي آفيسرن جو بحران، 20هين گريڊ جا 10 عهدا خالي پيل، 12 عهدن تي من پسند آفيسرن کي اضافي چارجز سونپيل، انتظامي بحران جا تفصيل چيف سيڪريٽري حوالي ڪيا ويا

ان حوالي سان “پنهنجي اخبار” کي مليل دستاويزن موجب سنڌ ۾ انتظامي عهدن تي اڻهوند جو نئون معاملو سامهون اچي ويو آهي، سنڌ ۾ 19هين ۽ 20 هين گريڊ جا 93 عهدا مستقل آفيسرن جي مقرري نه ٿيڻ جي ڪري خالي پيل آهن يا وري  اضافي چارج تي هلي رهيا آهن

ڄاڻ موجب عملدرآمد کاتي جي سيڪريٽري وارو عهدو خالي پيل آهي، جنهن جي اضافي چارج 20هين گريڊ جي سنڌ پيپلز هائوسنگ جي ڊائريڪٽر جنرل خالد محمود حوالي ٿيل آهي، ساڳئي ريت پبلڪ سيفٽي ڪميشن جي سيڪريٽري جي اضافي چارج گھرو کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري جاويد ابڙو حوالي ٿيل آهي، جائزي موجب گورنر جي پرنسپل سيڪريٽري، لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊي جي

اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل (پي ڊي اينڊ آر)، تعليم کاتي جي ڊي جي (ايڇ آر) ۽ گھرو کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري وارا عهدا خالي پيل آهن، جڏهن ته ماحولياتي تبديلي جي ڊي جي واري 20هين گريڊ جي عهدي جي اضافي چارج ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي 19هين گريڊ جي آفيسر اخلاق قريشي حوالي ٿيل آهي، ناڻي کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري جي اضافي چارج وري ناڻي کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل (پي پي پي يونٽ) اسد ضامن حوالي ٿيل آهي، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جي ڊي جي مانيٽرنگ اينڊ اويليشن وارو عهدو 30 آگسٽ کان خالي پيل آهي، سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊي جي چارج ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي سيڪريٽري سعيد جماڻي حوالي ٿيل آهي

ساڳئي ريت ڪي ڊي اي جي ميمبر ايڊمنسٽريشن وارو عهدو 8 ۽ ميمبر فنانس وارو عهدو به 7 مهينن خالي پيل آهي، سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي ايم ڊي واري عهدي جي اضافي چارج ڪين ڪمشنر ضمير جاگيراڻي حوالي ٿيل آهي، ثقافت کاتي جي ڊي جي واري عهدي جي اضافي چارج زڪوات واري سيڪريٽري منور مهيسر کي مليل آهي

پوليو جي ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي ڪوآرڊينيٽر وارو عهدو صحت کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري فياض عباسي حوالي ٿيل آهي، ڪراچي واٽر بورڊ جي ڊپٽي ايم ڊي (فنانس) واري 20هين گريڊ جي عهدي تي 19هين گريڊ جو پي ڊي رفيق قريشي ويٺل آهي، ايم ڊي اي جي ڊي جي اضِافي  چارج سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي ياسين شر جي حوالي ٿيل آهي

ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته سروسز کاتي جي اختيارين پاران 20هين ۽ 19هين گريڊ جي خالي پيل عهدن بابت چيف سيڪريٽري کي آگاهي ڏيندي اها سفارش به ڪئي وئي آهي ته خالي عهدن تي مستقل مقرري ڪري پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل آفيسرن جون مقرريون ڪيون وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔