پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ آبادي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي

اسلام آباد: پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ آبادي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي جنهن جو مقصد وڌندڙ آبادي ۽ ان جي ڪري پيش ايندڙ چيلنجز حوالي سان آگاهي فراهم ڪرڻ آهي. گڏيل قومن 1989ع ۾ پهريون ڀيرو اهو ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو هو.

دنيا جي ٽوٽل آبادي هن وقت 8 ارب کان وڌي چڪي آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ افغانستان کان پوءِ پاڪستان آبادي جي حوالي سان پهرين نمبر تي آهي. سماجي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آبادي ساڳئي شرح سان وڌندي رهي ته پريشانيون وڌي وينديون.

وسيلن جي دائري مان ٻاهر نڪرندي آبادي جي حوالي سان پاڪستان 2020 ۾ انساني ترقي جي انڊيڪس ۾ 2 سلائٽس هيٺ وڃي چڪو آهي. گڏيل قومن جي تاريخي رپورٽ موجب اڻپوري تعليم، صحت ۽ آمدني جي انڊيڪٽرز جي حوالي سان پاڪستان سال 2021-22 ۾ 7 درجا هيٺ هليو ويو آهي.

پاڪستان هاڻ آبادي جي حوالي سان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ هجڻ جي باوجود انساني ترقي جي انڊيڪس ۾ 192 ملڪن مان 161 نمبر تي آهي. شماريات کاتي جي ترجمان موجب آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سماج ۾ آگاهي پکيڙڻ وقت جي ضرورت بڻجي چڪو آهي.

ڀارت به هلندڙ سال آبادي  جي حوالي سان چين کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. انساني ترقي جي انڊيڪس ۾ ان جي رينڪنگ 132هين نمبر تي آهي.  ساڳئي انڊيڪس ۾ آبادي جي حوالي سان ڏکڻ ايشيا جي ننڍن ملڪن جيئن بنگلاديش 129هين ۽ سريلنڪا 73هين نمبر تي آهي.

ماهرن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته جيڪڏهن آبادي وڌيڪ وڌي ته  پاڪستان  مسئلن جو شڪار ٿي خطي  ۾ تمام گهڻو پوئتي رهجي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔