سنڌ جو سخت ردعمل: هولي تي بندش وارو حڪمنامو واپس

ڪراچي: هائير ايجوڪيشن ڪميشن هولي تي پابندي خلاف ڇتي تنقيد کانپوءِ پنهنجو تڪراري خط واپس وٺي ڇڏيو

هيڪ پاران جاري ڪيل وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته هيڪ جي خط جو مطلب هولي تي پابندي لڳائڻ نه هو

خط ۾ وائيس چانسلرز کي شاگردن جي تعليمي صلاحيتن جي واڌاري تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ لاءِ چيو ويو هو، غلط فهمي جو سبب بڻيل خط واپس ورتو ويو آهي

هيڪ پاران لکيل خط ۾ چيو ويو هو ته هڪ يونيورسٽي ۾ هولي جي تقريب منعقد ڪرڻ سان پاڪستان جي اميج کي ڌڪ رسيو آهي

آئنده اهڙين سرگرمين کان پاسو ڪيو وڃي، سنڌ سرڪار به هيڪ جي اهڙي موقف جي مذمت ڪندي ان کي رد ڪيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔